اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي واضح هدايتن تي سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي پاڪستان سٽيزن پورٽل، ڪامياب جوان پروگرام جهڙن قدمن ذريعي معاشري جي هر طبقي کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون، عوامي خدمت جي انهن قدمن سان حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ فاصلا ختم ٿي ويا آهن، شهري گهر ويٺي پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائين ٿ??، جيڪي وزيراعظم آفيس مان لاڳاپيل ادارن ڏانهن وڃن ٿيون، ڪامياب جوان پروگرام ۽ سٽيزن پورٽل جهڙن عوامي خدمتن جا منصوبا ڪاميابي سان جاري آهن. هو وزيراعظم آفيس ۾ پاڪستان سٽيزن پورٽل جي هيلپ لائين جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز بٽڻ دٻائي پاڪستان سٽيزن پورٽل جي هيلپ لائين 9000111 – 051 جو باقاعده افتتاح ڪيو. پاڪستان سٽيزن پورٽل جي عملدارن وزيراعظم کي هيستائين پورٽل تي رجسٽرڊ ٿيندڙ ماڻهن جي انگ، شڪايتن ۽ ازالي بابت معاملن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٽيم ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري لکين ماڻهن ان پورٽل ذريعي پنهنجون شڪايتون داخل ڪيون آهن، ان تي سٽيزن پورٽل جي ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي خواهش آهي ته عوام پاران حڪومتي ادارن جي حوالي سان شڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، جيڪي ماڻهو معاشي سببن يا مختلف رڪاوٽن جي ڪري ادارن ۾ وڃي شڪايتون داخل نه ٿ?? ڪرائي سگهن، انهن جي لاءِ هي بهترين فورم آهي ته گهر ويٺي شڪايتون ڪري سگهجن.
متعلقہ مضامین
-
President, PM pay heartfelt tribute to Syed Ali Gilani
-
NA passes 22nd Constitutional Amendment Bill, 2016
-
UN determined to ensure people worldwide are protected: UN chief
-
PMs aide says PPP govt plans to rig Kashmiri polls
-
Murad approves Rs 10m aid for Amjad Sabris family
-
Over 1 million treated with revolutionary hepatitis C medicines
-
Pakistan ready for talks during Amritsar moot
-
فن فاریسٹ ایپ گیم ڈاؤن لوڈ
-
MT آن لائن آفیشل ڈاؤن لوڈ کا طریقہ اور اہمیت
-
MT آن لائن آفیشل ڈاؤن لوڈ کا طریقہ اور اہمیت
-
الیکٹرانک تحقیقات کا آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
ورچوئل رئیلٹی لاٹری آفیشل ڈاؤن لوڈ داخلہ اور حصہ لیں